سيد صادقين احمد نقوي

سيد صادقين احمد نقوي

صادقين احمد نقوي سيد

صادقين احمد نقوي، سيد: نامور مصور صادقين جو اصل نالو سيد احمد نقوي هو. سندس جنم 1923ع ڌاري هندستان جي شهر امروها ۾ ٿيو. 1940ع ڌاري اديبن ۽ مصورن جي هڪ گڏيل تحريڪ (Progressive Writers And Artist Movement) جو حصو ٿيو، جتي حسين شهيد سهرورديءَ کيس مصوريءَ جي دنيا سان روشناس ڪرايو. فني مهارت جي سکيا لاءِ پاڻ ڪجهه وقت پيرس ۾ رهيو. اسلامي خطاطيءَ جو فن کيس ننڍپڻ کان ئي ورثي ۾ مليو، جنهن سبب خوشخطيءَ واري فن ۾ پڻ مهارت رکندو هو. سندس فن پارن جي پهرين نمائش 1954ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ٿي. سندس اهم سڃاڻپ سرڪاري ۽ خانگي عمارتن توڙي گهرن جي ديوارن تي نقشگري آهي. 1955ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جناح اسپتال، فريئر هال ۽ حسين شهيد سهروردي جي گهر جي ديوارن تي سندس چٽيل مصوري جي شهپارن جي نمائش پڻ ٿي. 1963ع ڌاري آمريڪا ۾ رٿيل مختلف نمائشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1967ع ۾ منگلاڊيم جي بجلي گهر (Power House) عمارت جي ديوارن تي پنهنجي فني ڪاريگريءَ سان مزدور طبقي جي داستان تي مشتمل ‘Saga Of Labour’ جي عنوان سان هڪ شاندار تصوير ٺاهيائين، جنهن ۾ هن مزدوري ڪندڙ مردن توڙي عورتن کي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي ڪري ڄاڻايو. 1968ع ۾ تعليم جي اهميت ۽ افاديت جو رنگن وسيلي اظهار ڪندي Quest of Knowledge جي موضوع تي نوجوانن لاءِ پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ جي ديوار تي رنگ چٽيائين. 1969ع ۾ سورة الرحمان جي خطاطي ڪيائين، 1973ع ۾ لاهور عجائب گهر جي اندرين ڇت ۽ داخلي هال وارين ڀتين تي انساني ارتقا جي مختلف دورن، زرعي ۽ صنعتي معاشرتي نظام جي جوڙجڪ کي هن رنگن جي مدد سان بهترين انداز ۾ چٽيو. لاهور عجائب گهر جي اها ڇت تقريبن 100 فوٽ ڊگهي ۽ 35 فوٽ (11 ميٽر) ويڪري هئي. ان کانسواءِ عجائب گهر ۾ قائم اسلامي گئلريءَ ۾ سندس تيار ڪيل فن خطاطي جي نَوَن شهپارن کي نمائش لاءِ پڻ رکيو ويو. 1974ع ۾ پاڻ وچ اوڀر ۽ برطانيا جي مختلف ملڪن توڙي علائقن ۾ ٿيندڙ آرٽ جي نمائشن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. 1976ع ۾ هڪ ٽي. وي سيريز ‘معجزه فن’ جو آغاز ٿيو، جنهن ۾ سندس فن کي وسيع پيماني تي دستاويزي فلم جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو. 1977ع ۾ هن مرزا اسدالله بيگ ‘غالب’ جي شاعريءَ کي مختلف رنگن وسيلي فن پارن جي صورت ڏني. 1979ع ڌاري هن ابوظهبيءَ جي هڪ بجلي گهر (Power House) جي عمارتي ديوارن تي فن مصوريءَ جو شاندار ڪم ڪيو. هن 1981ع ۾ هندستان جي دوري دوران اتان جي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ تاريخي عمارتن جي ڀتين تي مصوريءَ جا شاهڪار چٽي ڀارت جي عوام کي ڀيٽا طور پيش ڪيا، جن ۾ عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي، بنارس هندو يونيورسٽي، انڊين انسٽيٽيوٽ آف جيالاجيڪل سائنسز ۽ اسلامي انسٽيٽيوٽ، دهلي جون عمارتون شامل هيون. انهن مان سڀ کان ڊگهي ڀت جي پينٽنگ بنارس هندو يونيورسٽي جي هئي، جيڪا انتظاميا جي سار سنڀال هيٺ اڄ به بهتر حالت ۾ موجود آهي. 1985ع ڌاري هن اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر فيض احمد فيض جي شاعريءَ کي مصوراڻي تخيل ۽ رنگن جي امتزاج سان سگهاري ۽ دلچسپ انداز سان ڪينواس تي نقش ڪيو. ساڳي ريت علامه اقبال جي شاعريءَ ۾ بيان، لفظن ۽ ترنم کي حقيقت جو روپ ڏئي هن مصوريءَ جي دنيا ۾ شاهڪار فن پارن جو اضافو ڪيو. ان کان سواءِ 1960ع ڌاري، فرانسيسي سرڪار پاران نوبل انعام حاصل ڪندڙ فرينچ اديب البرٽ ڪاميو (Albert Camus) جي ناول ‘The Stranger’ جي مرڪزي خيال کي مصوري ۾ بيان ڪرڻ جو اهم ڪم سر انجام ڏنو. 1961ع ۾ هن اسٽيٽ بينڪ جي مرڪزي آفيس ڪراچيءَ جي ڊگهي ڀت (62’X10’) تي وقت جا هيرا (Treasures Of Time) جي عنوان سان تصويرون ٺاهيون، جنهن ۾ هن سقراط کان وٺي آئن اسٽائن ۽ اقبال جي دؤر تائين انساني شعور ۽ سمجهه توڙي نظرين ۾ ايندڙ تبديلين ۽ جدت کي اجاگر ڪيو، ان کان علاوه يوناني دؤر ۽ ويهين صدي ۾ وچ اوڀر ۾ اڀرندڙ عالم، دانائن، رياضيدانن، ڪيميادانن ۽ يورپ ۾ اُسرندڙ نئين سجاڳي واري دؤر جي اهم اسڪالرن کي پنهنجي مصوري ذريعي پيش ڪيو. ڪراچي فريئر هال جي ڇت تي ‘ارض والسموات’ (Earth And The Heavens) جي اسلامي نالن کي مصوري ۽ خطاطي جي گڏيل صورت ۾ نروار ڪيو. صادقين، انهن مڙني عمارتن جي ڀتين تي پنهنجي فني پورهيي جو معاوضو وٺڻ بدران هميشه اُهي فن پارا مقامي عوام کي ڀيٽا طور پيش ڪندو رهيو. مجموعي طور هن 35 کان وڌيڪ عمارتن جي ديوارن تي مختلف عنوانن سان نقش تيار ڪيا، جن مان ڪجهه اڄ به ساڳي حالت ۾ آهن. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڻ سنڌ ۾ رهڻ دوران ڪراچي جي سامونڊي ڪناري سان لڳو لڳ وارياسي علائقي گڏاڻي ۾ سخت گرم ماحول ۾ ٿوهر جي واڌ ويجهه جو ڳوڙهو مشاهدو ڪرڻ بعد هڪ بي مثال تصوير ٺاهي، جنهن ۾ هن ٿوهر کي تمثيلي انداز ۾ بيان ڪندي مزدور جي محنت، جاکوڙ، مزاحمت قوت، اورچائيءَ کي نمايان ۽ خوبصورت رنگن سان پيش ڪيو. آفتاب تازه نالي 9 فوٽ ڊگهي ۽ 6 فوٽ ويڪري تصوير ۾ علامه اقبال جي شاعريءَ جي بهترين سٽن کي نمايان ڪيو، جيڪا تصوير پاڪستان جي وڏي يونيڪورن گيلريءَ ۾ موجود آهي. صادقين خطاطيءَ جي نئين انداز کي متعارف ڪرايو، جنهن ۾ هن مصوري ۽ خطاطيءَ جي ميلاپ سان مذهبي عقيدي، توحيد، پنجتن پاڪ جي محبت، اسلامي نظريي ۽ اصولن جو تصويرن وسيلي سنجيده اظهار ڪيو. هن پنهنجي فن پارن ۾ آڳاٽي دؤر کان سماجي اوسر، براين، انساني لاڳاپن، احساسن ۽ رشتن، انساني شعور ۽ ترقي جي مختلف دؤرن، فطري حُسن کي نهايت سهڻي نموني واضح ڪيو آهي. هيءُ مصور هئڻ سان گڏ شاعر پڻ هو، سندس سوين رباعيون، مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. سندس زندگيءَ ۾ سرڪاري اختيارين پاران گيلري صادقين جي نالي سان 2 گئلريون، هڪ اسلام آباد جي علائقي بلاڪ ايف (F) ۽ ٻي ڪراچيءَ جي فريئر هال ۾ ساڳئي نالي سان قائم ڪيون ويون، جيڪي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ بند ٿي ويون. ان دوران سندس 200 کان وڌيڪ پينٽنگون وڃائجي ويون ۽ چوري ٿي ويون. کيس مختلف وقتن ۾ ڪيترن ئي اوارڊن ۽ ميڊلن سان نوازيو ويو، جن ۾ 1960ع ۾ پاڪستاني حڪومت پاران تمغهءِ امتياز، 1961ع ڌاري پيرس مان ادبي اوارڊ ‘Laureate De Paris’، 1962ع ۾ صدارتي ميڊل جو اعزاز، 1975ع ۾ آسٽريليائي سرڪار پاران ثقافتي اوارڊ ۽ 1980ع ۾ پاڪستاني حڪومت پاران ستاره امتياز شامل آهن. سندس شخصيت ۽ فن پارن تي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ تمام گهڻو لکيو ويو. 2003ع ۾ سندس ڪم جي مڃتا طور هڪ ڪتاب ‘The Holy Sinner: Sadeqain’ نالي سان شايع ڪيو ويو. 12 ڪلو وزني ۽ 700 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ صادقين جون تقريباً 400 فن پارن جون تصويرون شامل آهن.
سيد احمد نقوي ڪتاب ۾ صادقين جي شهپارن تي ٻين مصورن پاران ڪيل تنقيدي ۽ تعريفي مضمون پڻ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ ڪتاب جو ٻيو حصو تصويري مضمون، تنقيدي حوالن، تخليقن، ڪيٽلاگ، نمائشي تصويرن، رباعين، يادگيرين، اختتامي تصويرن، زندگي ۽ ڪم تي آڌاريل آهي. صادقين ڏکڻ ايشيا جو پهريون مصور آهي، جنهن جي شخصيت، زندگي ۽ ڪم تي ان قسم جو ضخيم ڪتاب شايع ٿيو. هو پاڻ کي اڪثر ‘فقير’ يا Speaker Of Truth ڪري سڏيندو هو. هيءُ يگانو مصور ۽ شاعر فريئر هال جي ڇت جي مصوري ڪندي ڇت تان هيٺ ڪِري پيو، جنهن سبب 10 فيبروري 1987ع تي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. 14 آگسٽ 2006ع تي سندس مڃتا ۾پاڪستان پوسٽ طرفان 40 روپين واري ٽِڪلي جاري ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.02.10  عيسوي

سيد صادقين احمد نقوي جو جنم 1923ع ڌاري هندستان جي شهر امروها ۾ ٿيو. پاڻ فريئر هال جي ڇت جي مصوري ڪندي ڇت تان هيٺ ڪِري پيو، جنهن سبب 10 فيبروري 1987ع تي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.


2006.08.14  عيسوي

نامور مصور صادقين جي 14 آگسٽ 2006ع تي سندس مڃتا ۾پاڪستان پوسٽ طرفان 40 روپين واري ٽِڪلي جاري ڪئي وئي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادقين احمد نقوي سيد
شرجيل فتاح هاليپوٽو
گل محمد کتري
دهلوي عبدالحميد
سڪندر جوڳي
سليمه هاشمي
عبدالقادر وارثي
عبدالسميع دهلوي
شازيه سڪندر
زبيده آغا
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون